تازه ترين

گڊو ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ۽ تربيلا ڪالاباغ، چشما توڙي ڪابل ندي وٽ هيٺين درجي جي  ٻوڏ برقرار

- Advertisement -
گڊو ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ۽ تربيلا ڪالاباغ، چشما توڙي ڪابل ندي وٽ هيٺين درجي جي  ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته  وهڪرن ۾ ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. تربيلا وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 59 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 56 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالا باغ وٽ 2 لک 95 هزار 749 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 89 هزار 825 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چشما وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 58 هزار 307 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 40 هزار 251 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تونسا  وٽ وچولي ٻوڏ باوجود وهڪرن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. تونسا وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 176 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 80 هزار 176 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 81 هزار 23 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، برساتن سبب واهه بند هئڻ ڪري سمورو پاڻي دائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 84 هزار 794 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 71  هزار چار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل ندي وٽ هيٺاهين درجي واري ٻوڏ جا وهڪرا برقرا آهن، اتي پاڻي وهڪرو 63 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون