- Advertisement -
سکر پوليس ٻن ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته تماچاڻي ٿاڻي جي حد کير ٿر ڪينال روڊ تي پوليس مقابلي دوران آئيس ڊيلر مختيار احمد کوسي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار آئيس ڊيلر سان گڏ مختلف ڏوھن ۾ پڻ گھربل ھو.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سانگي پوليس مبينا مقابلي ۾ چوري، ڦر ۽ پوليس مقابلن ۾ گھربل ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
پوليس ترجمان موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي نويد ناپر طور سڃاڻپ ٿي.- Advertisement -
