- Advertisement -
شهدادپور ۾ ريلوي اسٽيشن وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي جي هڪ بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي.
مال گاڏي جي بوگي پٽڙيءَ تان لهڻ سبب ڊائون ٽريڪ بند ٿي ويو.
ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽرينن کي متبادل ٽريڪ تان منزل طرف روانو ڪيو پيو وڃي.
عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريلوي جو عملو پهچي چڪو آهي، مشينري گهرائي جلد ٽريڪ بحال ڪيو ويندو.- Advertisement -
