تازه ترين

صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي آهي. جنرل ساحر شمشاد مرزا، آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، صدر آصف علي زرداري کي ملڪي سڪيورٽي صورتحال ۽ هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو. ملاقات دوران دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي سهڪار سان پاڙان پٽڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته هٿياربند فوج اندروني ۽ پرڏيهي سڪيورٽي چئلينجن سان هاڪاري انداز ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر آصف علي زرداري قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پورو اعتماد آهي ته سڪيورٽي فورسز اندروني ۽ پرڏيهي سڪيورٽي چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آڻينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون