- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري سينيٽ جو اجلاس 9 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.
ايوان صدر موجب، سينيٽ جو اجلاس 9 اپريل تي صبح نائين وڳي ٿيندو جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر قسم کنندا.
اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ به ٿيندي.
واضع رهي ته سينيٽ ۾ 24 سيٽن سان پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ 19-19 سينيٽرن سان ٻئي نمبر تي آهن.
ان کان علاوه پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوار به نامزد ڪري چڪي آهي.- Advertisement -
