- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري غيرقانوني طريقي سان هٿيار وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
ڊي ايس پي سي ٽي ڊي شاھد باجوا موجب گرفتار جوابدارن ۾ وڪرم عرف وڪي ۽ متين شامل آهن،ٻئي جوابدار ھٿيارن جي مرمت جي نالي غيرقانوني طريقي سان ھٿيارن وڪرو ڪندا هئا.
سي ٽي ڊي موجب، جوابدارن جي قبضي مان 3 پسٽل، ھڪ رپيٽر ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون آھن.
سندس چوڻ هو ته جوابدار وڪرم عرف وڪي کي ٽنڊو آدم روڊ تان سنيپ چيڪنگ دوران گرفتار ڪيو ، سندس نشاندهي تي متين نالي شخص کي به گرفتار ڪيو ويو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي جوابدار متين ھٿيارن جي مرمت ڪندا هئا ان سان گڏ ھٿيارن جي غير قانوني خريد ۽ فروخت پڻ ڪندا ھئا، جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.- Advertisement -
