- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٺٽي ضلعي ۾ ٻيلي کاتي جي سموري زمين تي بااثر ماڻهن جو قبضو آهي، قبضو ڪندڙن ۾ چونڊيل نمائندا شامل آهن.
ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي ۽ مينگرو پوکڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ جو چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، ٻيلي کاتي واري سيڪريٽري، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ته سنڌ حڪومت جي نالي تي 18 لک ايڪڙ زمين واپس ڪرائي وئي آهي.
چيف سيڪريٽري سنڌ رپورٽ ۾ اعتراف ڪندي چيو ته جن علائقن ۾ رينجرز پوليس نٿي وڃي سگهي، اتي ٻيلي کاتي جي فورس ڇا ڪري سگهندي.؟
عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن ڪمپني سان معاهدو ڪرڻ جو ڪهڙو طريقار آهي؟
چيف سيڪريٽري سنڌ جواب ڏنو ته پاليسي بورڊ ڪنهن به معاهدي جي منظوري ڏئي ٿي، جنهن جي سربراهي وزيراعليٰ سنڌ ڪندو آهي.
هن چيو ته ان جا مختلف قسم جا معاهدا ڪرڻا پوندا آهن، ڪجهه بڊ ٿيندا آهن ۽ ڪجهه بڊ نه ٿيندا آهن،
چيف سيڪريٽري سنڌ رپورٽ ۾ چيو ته هن ڪيس ۾ عدالت انڪوائري جو حڪم ڏنو هو ۽ 70 سيڪڙو انڪوائري ٿي چڪي آهي.
چيف سيڪريٽري سنڌ رپورٽ ۾ چيو ته انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جو وقت ڏنو وڃي.
ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته ٺيڪا انهن ڪمپنين کي ڏنا ويا آهن جن جي شهرت سٺي ناهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن درخواست ڏيندڙ وٽ حقيقتون آهن ته ڪميٽي آڏو پيش ڪري.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته 2011 ۾ ڪي پي ڪي به ان ئي ڪمپني سان معاهدو ڪيو جنهن جي قيمت ڊالر ۽ پائونڊ ۾ هئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو چيو ته هر ماڻهو کي وڻڪاري لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ڄاڻڻ گهرجي.
جسٽس امجد سهتو چيو ته ٺٺي جي سموري زمين تي بااثر ماڻهن قبضو ڪيو آهي جن ۾ ايم اين ايز به شامل آهن.
جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ٻيلي کاتي جي ڪا به فورس ناهي ان بابت قانون سازي لاءِ چيو هو.
ٻيلي کاتي واري سيڪريٽري چيو ته فاريسٽ فورس لاءِ سمري تيار ڪري منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي.
چيف سيڪريٽري چيو ته انهن کي مانيٽرنگ ڊيوائسز ۽ ڊرون ڪئميرا وغيره هجڻ گهرجن ته جيئن اهي مانيٽر ڪري سگهن.
جسٽس امجد سهتو چيو ڇا بااثر ماڻهو ان ايڪٽ کي پاس ٿيڻ ڏيندا، ٻن سالن کان چئي رهيا آهن ته فورس ٺاهيو وڃي.
چيف سيڪريٽري عدالت کي جواب ڏيندي چيو ته فورس جي حوالي سان 6 هفتا وڌيڪ وقت ڏيڻو پوندو.
عدالت چيو ته ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد حڪم جاري ڪيو ويندو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته انهن رپورٽن ۾ سمورا قبضا مافيا شامل ناهن.
ان تي عدالت چيو ته ان حوالي سان ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي رپورٽ اچڻ ڏيو.- Advertisement -
