صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي طرفان فاطما ڦرڙو جي امڙ ۽ والد سان تعزيت

spot_img
- Advertisement -

سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ سمورن جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، نينگري جي خون سان انصاف لاءِ آخري حد تائين ويندا،  وارثن جي مطالبي تي عبدالقدوس ڪلوڙ کي جاچ  آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار  خانواهڻ پهچي نينگري فاطما ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته هو آءِ جي پوليس سان گڏ فاطما ڦرڙو جي خاندان سان ھمدردي لاءِ آيا آهن ۽ فاطما جي وارثن سان گڏ آھن کين ڪنهن کان به ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي.

هن چيو ته هو فاطما ڦرڙو ڪيس جي انصاف لاءِ آخري حد تائين ويندا وارثن جي درخواست تي ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي انچارج عبدالقدوس ڪلوڙ کي ڏني آھي.

سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ انصاف جون سڀئي گهرجون پوريون ڪيون وينديون، فاطما ڪيس ۾ ملوث روپوش جوابدار پوليس کان لڪي وڃن ٿا وري  ضمانت وٺن ٿا اھو عدالت کي ڏسڻ گھرجي.

حارث نواز چيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي ھدايت ڪئي آھي ته ثبوتن جي بنياد تي ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪئي وڃي.

 ان موقعي تي فاطما ڦرڙو جي وارثن، صوبائي گھرو وزير کي شڪايت ڪئي ته ايس ايڇ او خانواهڻ عبدالغني دايو کين هيسائي ڳوٺاڻن کي پريشان ڪري رهيو آهي. ٻيو ڪجھه نه گھرجي رڳو فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي…….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون