قبو سعيد خان تعلقي جي علائقن ۾ پن ويڙھه جيت لڳڻ سبب ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالي فصل متاثر ٿيڻ لڳو جڏهن ته زراعت کاتي طرفان اپاءَ نه وٺڻ ڪري آبادگارن کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو آھي.
آبادگارن سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالھائيندي چيو ٿه قبو سعيد خان تعلقي جي ٽن يونين ڪائونسلن ھزار واھه، بگودڙو ۽ ڍوري سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالي فصل تي پن ويڙھه جيت جي حملي ڪري فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي.
ھنن چيو ته ڊيلر دڪانن تي نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪرڻ ڪري آبادگارن کي فائدو پھچائڻ بدران نقصان ڏئي رھيا آھن.
آبادگارن چيو ته تعلقي اندر زراعت کاتي جي آفيس نه ھجڻ ڪري آبادگارن جي تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه آھي.
آبادگار بورڊ جي اڳواڻ عبدالخالق کوسي چيو ته پـن ويڙھه جيت سبب سيف الله مگسي ڪينال تي پوکيل ھڪ لک يارھن ھزار ايڪڙ ساريالي فصل جو 80 سيڪڙو جيتن جي حملي سبب متاثر ٿيو آھي.
ھن الزام هڻندي چيو ته شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان ۾ ڊيلر زراعت کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري سري عام نقلي ڀاڻ ۽ زھر وڪرو ڪري رھيا آھن جنھن ڪري آبادگارن جا ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن.
آبادگارن ڪمشنر لاڙڪاڻي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قبو سعيد خان تعلقي اندر ساريالي فصل تي پن ويڙهه جيت جي حملي جو نوٽس وٺي سرڪاري طور اسپري ڪرائي آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.


