پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو ڪالاباغ ڊيم بابت بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي، پارٽي پاليسي ناهي.
راولپنڊي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي پارٽي پاليسي واضح آهي، سنڌ ۽ ڪي پي جا خدشا آهن، هڪ اهڙو منصوبو جنهن تي ٻن صوبن کي خدشا هجن اهو وفاق جي لاءِ سٺو ناهي.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته جيستائين سموريون ڌريون ان تي متفق نه ٿين ۽ سياسي ٺاهه نٿو ٿئي اهڙو ڪوبه منصوبو عمل جي قابل نه آهي.
سندس چوڻ هو ته صدارتي نظام جي ڳالهه سندن پارٽي جي پاليسي نه آهي، ڪي پي جي وڏي وزير جو اهڙو بيان منهنجي نظر مان ناهي گذريو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته هو علي امين گنڊاپور کان پڇا ڪندو.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته هي پارليامان آئيني ترميم نٿو ڪري سگهي اهو فارم 47 جي پيداوار آهي، پارلياماني نظام بدران صدارتي نظام ايئن ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، اسان خلاف جعلي ۽ ڪوڙا ڪيس آهن جن جي ٻڌڻي ئي نٿي ٿئي.
سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي هن لاهور ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ميٽنگ گهرائي هئي، ميٽنگ ۾ پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچايو ويو ته پنهنجي پنهنجي کيسي مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو.
هن چيو ته اهو پاڻ ڪالهه سيالڪوٽ سمبڙيال ويو هو جتي جتي ممڪن ٿي سگهي ٿو اهي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن، سندن ڪارڪن هر هنڌ موجود آهن ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن……….