- Advertisement -
چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ سرڪاري دور تي سعودي عرب پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيني وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
چيني وزيراعظم سعودي –چين گڏيل ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب چيني وزيراعظم سعودي عرب کانپوءِ گڏيل عرب امارات پڻ ويندو.
چيني وزيراعظم جي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي دوري دوران توانائي، مالي ۽ شيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.- Advertisement -
