- Advertisement -
ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ۾ موجود وزيراعظم شهباز شريف اڄ مديني شريف کان مڪي شريف پهچندو.
وزيراعظم شهباز شريف مڪي شريف ۾ تراويح پڙهندو ۽ عمرو ادا ڪندو.
وزيراعظم سان گڏ وفد به اڄ عمرو جي سعادت حاصل ڪندو.
اڄ رات ئي وزيراعظم شهبازشريف سان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ملاقات جو به امڪان آهي.
وزيراعظم جي وفد ۾ مريم نواز، خواجه آصف، اسحاق ڊار، محمد اورنگزيب وفاقي وزير عبدالعليم خان، عطا تارڙ، احد چيما شامل آهن.
گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف وفد سان گڏ ٽن ڏينهن لاءِ سعودي عرب پهتو هو…………
- Advertisement -
