تازه ترين

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس وڌيڪ هڪ يرغماليءَ جو لاش اسرائيل حوالي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس وڌيڪ هڪ يرغماليءَ جو لاش اسرائيل حوالي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ريڊ ڪراس ذريعي يرغماليءَ جو لاش ملڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، لاش کي پوليس جي نگرانيءَ ۾ تل ابيب جي ابو ڪبير فرانزڪ انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو جتي سڃاڻپ جو عمل ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. حماس ان کان اڳ 16 يرغمالين جا لاش اسرائيل حوالي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته حماس وٽ اڃان تائين 12 يرغمالين جا لاش موجود آهن. ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالين جي ڳولا ۾ مدد لاءِ مصري ٽيڪنيڪلي ٽيم کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي. اسرائيلي حڪومت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ريڊ ڪراس ۽ مصري ٽيمن کي يرغمالين جا لاش ڳولهڻ لاءِ غزه ۾ اسرائيلي فوج جي ييلو لائين پار ڪرڻ جي اجازت هوندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون