تازه ترين

موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، 2022ع جي برساتي ٻوڏ موسمياتي تبديليءَ جو ئي نتيجو آهي، زهريلي گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو ڪو به حصو ناهي، ڪورونا وائرس ۽ موسمياتي تبديلي زميني حالتون تبديل ڪري ڇڏيون آهن. سعودي عرب ۾ عالمي اقتصادي فورم ۾ صحت جي شعبي ۾ فرق جي خاتمي جي عنوان سان مباحثي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو 2003ع ۾ جڏهن سعودي عرب ۾ هو ته کيس ڪينسر ٿي هئي، کيس نيويارڪ نيو ويو ۽ سندس آپريشن ڪئي وئي ۽ هزارين ڊالر ڏئي علاج ڪرائڻو پيو هو. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان آيو ۽ پنجاب جو وڏو وزير ٿيو، تڏهن هن پنجاب ۾ گڙدن، جگر ۽ ڪينسر جي علاج لاءِ اسپتال ٺهرائي، سندس ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو مهانگو علاج نٿا ڪرائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جو سڀ کان وڏو مسئلو عالمي اڻبرابري آهي، ڪورونا دوران سڄي دنيا ۾ غير مساوي رويو ڏٺو ويو، ان کانسواءِ موسمياتي تبديلي زمين جو نقشو مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، 2022ع جي برساتي ٻوڏ موسمياتي تبديليءَ جو ئي نتيجو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زهريلي گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو ڪو به حصو ناهي، ڪورونا وائرس ۽ موسمياتي تبديلي زميني حالتون تبديل ڪري ڇڏيون آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27 ° C
27 °
27 °
45 %
4.4kmh
79 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون