- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ٿيو، 27هين ترميم سبب عدالت جو ڪم معطل هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
ان حوالي سان وڪيل مجاهد علي جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو.
سندس چوڻ هو ته عدالت ۾ 27هين ترميم سبب وڪيلن جو عدالتي ورڪ سسپينڊ هئڻ سبب 3 ڊسمبر جي تاريخ ڏني وئي آهي،
عدالتي ڪارروائي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ غلام مرتضي2 جتوئي هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي طرفان سندس اعزاز ۾ رکيل چانهه پارٽي ۾ شرڪت لاءِ هاءِ ڪورٽ بار روانو ٿي ويو.
هاءِ ڪورٽ بار ۾ صدر اطهر عباس سولنگي جي نگراني هيٺ رٿيل تقريب ۾ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.- Advertisement -
