- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ بقاپور پوليس چوڪي جو انچارج هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن بقاپور چوڪي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ انچارج مشتاق تنيو موقعي تي شهيد ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي شهيد اهلڪار جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ڏوهارين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي.
ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري اسپتال پهچي شروعاتي ڄاڻ وٺڻ کانپوءِ واردات واري هنڌ پهتو.
ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪار معمول موجب چيڪنگ ڪري رهيا هئا ان دوران شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ چوڪي انچارج شهيد ٿي ويو.
ايس ايس پي موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي بخش نه ڪيو ويندو…..- Advertisement -
