تازه ترين

نواز شريف ۽ مريم نواز جون ڳالهيون ناڪام ڪرائڻ واريون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن : بئريسٽر سيف

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جون ڳالهيون ناڪام ڪرائڻ واريون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن. جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته نواز شريف، سينيٽر عرفان صديقي کي ڳالهين جي ناڪامي جو هدف ڏنو هو ۽ ان ۾ عرفان صديقي ۽ راڻا ثناءُ الله جي بيانن سان حڪومت جي غير سنجيدگي واضح ٿي وئي هئي. سندس چوڻ هو ته عدالتي ڪميشن نه جوڙڻ مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته “چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک” آهي. خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته وفاقي سرڪار کي خدشو آهي ته عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ سان جعلي حڪومت جي حقيقت وائکي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حقيقت سامهون اچڻ بعد جعلي حڪومت کي منهن لڪائڻ جي جاءِ به نه ملندي، نواز شريف ۽ مريم نواز ٽولو ڳالهين جي ناڪامي تي خوشيءَ ۾ نٿو ماپي. خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته نواز شريف جي سياسي عدم استحڪام ۾ پنهنجي بقا نظر اچي رهي آهي ۽ ان لاءِ هو اهڙي صورتحال کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
49 %
2.7kmh
5 %
سُومر
25 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون