- Advertisement -
ٽي ملڪي ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ افريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم لاهور پهچي وئي.
پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز 8 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي.
سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم دبئي رستي خانگي اڏام ذريعي لاهور ايئرپورٽ پهتي جتي سخت سڪيورٽي ۾ ٽِيم کي هوٽل پهچايو ويو.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم اڄ مڪمل آرام ڪندي ۽ سڀاڻي کان پريڪٽس سيشن شروع ڪندي.
نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهريان ئي لاهور پهچي چڪي آهي.
واضع رهي ته ٽي ملڪي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان قذاتي اسٽيڊيم ۾ مقابلو ڪندي.- Advertisement -
