تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ايف بي  آر  جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا اجلاس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوڻن ٻن مهينن جي اجتماعي ڪوششن سان معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال بابت رپورٽ شايع ٿي آهي، ڪيترن ئي شعبن ۾ سندن انگ اکر بهتر ٿيا آهن، معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سندس شيون ٻاهر اماڻڻ ۽ ناڻي جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿيو آهي، معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن، سندن ٽرانسميشن سسٽم ڪمزور آهي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ ٽرانسميشن لائن بابت فيصلا ڪيا آهن، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سڀني کي خراب چوڻ به غلط آهي، تمام سٺا ماڻهو به آهن، ايف بي آر کربين ڪمائيندي آهي ۽ رکبين رپيا بقايا آهن، عدالتن ۾ ڦاٿل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيترائي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، ايف بي آر جو ٽريڪ سسٽم فراڊ کانسواءِ ڪجهه ناهي، مجرماڻي غفلت ۽ لاپرواهي سبب نقصان ٿي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون