تازه ترين

وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن تي اڄ رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن تي اڄ رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. ذريعن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شروع ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس ۾  شرڪت ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس ۾ وزيراعظم صحت جي عالمي ايجنڊا جي حوالي سان سيشن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اڄ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سائيڊ لائن  تي ڪويت جي امير مشال آل  احمد آل جبر سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جو  سعودي عرب جي ناڻي، صنعت ۽ سيڙپڪاري جي وزيرن سان به ملاقات جو امڪان آهي. ان کانسواءِ وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين  ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون