تازه ترين

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ٿي وئي

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ٿي وئي، پاڪستان سيريز جي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان ميچ کٽڻ لاءِ مهمان ٽيم کي 179 رنسن جو هدف ڏنو ، نيوزيلينڊ جا رانديگر ڄمي نه کيڏي سگھيا ۽ سڄي ٽيم 19 اوورن ٻن بالن تي ڍير ٿي وئي.

ڪيوي ٽيم طرفان ٽم سيفرٽ 52 ۽ جوش ڪلارڪسن 38 رنسون نمايا رهيا جڏهن ته ڪپتان مائيڪل بريس ويل 23 ۽ مارڪ چيپمين 12 رنسون ٺاهيون.

قومي ٽيم جي بالر شاهين شاهه آفريدي 30 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته اساما مير 2، شاداب خان ۽ عماد وسيم هڪ هڪ رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

ان کان اڳ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 179 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو جڏهن ته ميزبان ٽيم طرفان پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني وئي هئي. 179 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 169 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 69 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، فخر زمان 43 ۽ عثمان خان 31 رنسون اسڪور ڪيون.

نيوزيلينڊ طرفان وليم اوروڪ، بين سيئرز، ايش سوڍي، زيڪري فاولڪس ۽ جمي نيشام هڪ هڪ وڪيٽ ورتي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
17 %
4.3kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون