تازه ترين

وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري جده کان اسلام آباد لاءِ روانو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري جده کان اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي. جده جي گورنر شهزادي سعود بن عبدالله بن جلاوي وزيراعظم شهباز شريف کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف 19 کان 22 مارچ 2025ع تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪيو. وزيراعظم جي سعودي عرب دوري جو مقصد پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آل سعود سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن واپار کي هٿي وٺرائڻ، مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌائڻ ۽ اقتصادي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف، سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد الفالح ۽ اقتصادي معاملن لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التجويري سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سعودي سيڙپڪاري آڻڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري آخر ۾ مديني منوره ۾ مسجد نبوي ۾ رسول الله جي روضي تي حاضري ڀري ۽ مڪي شريف ۾ وفد سميت عمرو به ادا ڪيو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون