تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهرن جي سولر اليڪٽرڪفڪيشن ۽ ونڊ هائبرڊ سسٽم پي پي پي موڊ تحت ڪرائڻ جو پروپوزل جمع ڪرائڻ جي هدايت

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهرن جي سولر اليڪٽرڪفڪيشن ۽ ونڊ هائبرڊ سسٽم پي پي پي موڊ تحت ڪرائڻ جو پروپوزل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.   سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، توانائي واري سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ناصر شاهه وڏي وزيرکي ٻڌايو ته سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ ورلڊبئنڪ جي سهڪار سان 26 ڏهائي 86 بلين رپين سان شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پراجڪيٽ جا 4 حصا آهن، 400 ميگا واٽ جا سولر پارڪ قائم ڪرڻ،  سرڪاري عمارتن کي 50 ميگا واٽ تائين سولرائيزيشن سسٽم ذريعي بجلي جي فراهمي، 2 لک گهرن کي سولر هوم سسٽم ڏيڻ ۽ سولر ٽيسٽنگ ليب قائم ڪڙڻ آهي. هن چيو ته سولر پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ 250 ايڪڙ زمين 50 ميگا واٽ پارڪ مانجهند ۾ قائم ڪيوپيو وڃي، جڏهن اولهه ضلعي ۾ 612 ايڪڙ تي 150 ميگا واٽ جو سولر پارڪ قائم ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته سولر پاور مانجهند لاءِ ريڪيوسٽ فار پروپوزل نيپرا ۾ ڦاٿل آهي. وڏي وزير، توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته اهو پاڻ نيپرا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري  پراجڪيٽ ڪليئر ڪرائي. صوبائي وزير ٻڌايو ته 110 عمارتن کي سولرائيزيشن ڪيو پيو وڃي، پهرين مرحلي ۾ 33 کان 34 اسپتالن جي عمارتن تي  سولرائز مڪمل ٿي چڪي آهي، ٻئي مرحلي ۾ 34 اسپتالن جي عمارتن تي 21 ميگا واٽ سولر پينل لڳايا ويندا. وڏي وزير توانائي واري کاتي کي چيو ته مائيڪرو هائيڊل پاور سورسز ڳوليا وڃن. ناصر شاهه ٻڌايو ته 130 ميگا واٽ جي فزيبلٽي اسٽڊي موجود آهي، 42 ميگا واٽ گڊو بئراج تي هائيڊل پاور بڻجي سگهي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون