- Advertisement -
امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ امريڪا وچ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
امريڪي ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ فيوچر سڪيورٽي سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وجودي خطرو بڻجي چڪي آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ سان گڏجي ان چيلينجز تي ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي کانپوءِ پاڪستان ماحولياتي تبديلي خلاف فرنٽ لائين تي آهي، ڀارت پهلگام واقعي جو ملبو پاڪستان مٿان وجهڻ چاهي ٿو، دنيا ٻن ايٽمي ملڪن وچ ۾ ٽڪراءُ جي سٽ نٿو سهي سگھي.
پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو خطي ۾ پائيدار امن جي ضمانت آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعميري ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.
رضوان سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تاريخي طور تي بهترين سطح تي آهن، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان افغانستان مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي عوام جي سلامتي تي سمجهوتو نه ڪندو…….- Advertisement -
