تازه ترين

پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت وارو معاملو سندن ڌيان جو مرڪز آهي : ويدانت پيٽل

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پيٽل چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت وارو معاملو سندن ڌيان جو مرڪز آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان جو چوڻ هو ته چونڊن مبينا ڌانڌلي وارو معاملو پاڪستان شراڪتدارن آڏو اٿاريندا رهيا آهن، هـُو پاڪستان حڪومت تي زور ڏين ٿا ته انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪري. هن چيو ته امريڪي عملدارن مسلسل پاڪستان ۾ عوامي حقن جي احترام تي زور ڏنو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ويدانت پٽيل چيو ته پي ٽي آءِ باني تي ڪيس پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. پاڪ-ڀارت لاڳاپن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجا معاملا پاڻ طئي ڪرڻا آهن، امريڪا پاڙيسري ملڪن ۾ ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪانگريز جي زير التوا قانون سازي تي ناهن ڳالهائيندا، سندس جمهوري نظام ۾ ڪانگريس، حڪومت جي هڪ الڳ شاخ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون