- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور سميت سڄي صوبي ۾ برساتن جي امڪان تي اڳواٽ حفاظتي ۽ ضروري انتظامي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 29 اپريل تائين پنجاب ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي تي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪندي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايم ڊي واسا کي متحرڪ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاڳاپيل آفيسرن کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انتظاميا ۽ واسا متحرڪ رهن، پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا وڃن.
سندس چوڻ هو ته لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، شهرين جي مدد لاءِ ٽريفڪ وارڊن فيلڊ ۾ فعال انداز ۾ فرض سرانجام ڏين.
پنجاب جي وزيراعليٰ ريسڪيو سروسز جي ادارن کي فوري حفاظتي قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هيٺاهين وارن علائقن مان عوام کي بروقت حفاظتي هنڌن تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.
مريم نواز چيو ته هيٺاهين وارن علائقن جي عوام کي صورتحال کان اڳواٽ خبردار ڪيو وڃي، ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ موبائل الرٽس سروس کان مدد ورتي وڃي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ چوپائي مال جي حفاظت لاءِ به اثرائتا قدم کنيا وڃن.- Advertisement -
