پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي، ڪيترن ئي متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
کولڙه پوائنٽ، هسو والي، بڌوانه، جهنگ ۽ ضلعي چنيوٽ ۾ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي جوانن ٻيڙين ذريعي متاثرن کي ريسڪيو ڪيو.
پاڪ فوج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪئمپيون قائم ڪري ڇڏيون، ڪپڙا، راشن ۽ دوائون جي فراهمي جو سلسلو بنا ڪنهن وقفي جاري آهي.
ٻوڏ متاثرن لاءِ انهن علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن.
ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.
هن وقت تائين ڪيترن ئي ٻڍن، عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻوڏ متاثرن طرفان پاڪ فوج جي ڪردار کي گهڻو ساراهيو ويو آهي.
ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ به پاڪ فوج، سول انتظاميا ۽ ٻين ادارن جون امدادي ڪارروايون جاري آهن.
ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي حفاظتي بند ٽٽي پيو، هيڊ سليمانڪي تي مٿانهي درجي جي ٻوڏ آهي.
ستلج درياهه ويجهو پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان 12 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.
ساهيوال ۾ 49 ديهون متاثر ٿيون آهن، پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان 30 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.
تعلقي ڪبير والا ۾ هيڊ سڌنائي تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، تلمبه، ميان چنون ۽ اقبال نگر ۾ رليف سرگرميون جاري آهن.
هزارين ماڻهن، چوپائي مال ۽ ڪڻڪ کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
اوڪاڙه جي متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان مفت امداد جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن.
رنگ پور ۽ هيڊ محمد والا سميت امڪاني متاثر علائقن ۾ به فلڊ رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.
تعلقي مظفر ڳڙهه ۽ ڪوٽ ادو ۾ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا طرفان حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو ويو.
هيڊ محمد والا ۽ امڪاني خطري سبب وقت تي بچاءَ لاءِ بريچنگ پوئنٽ ۽ ٻين حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن……..