- Advertisement -
پني عاقل ڀرسان ريلوي پٽڙي تان لاش هٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ پوليس اهلڪار ڪامران ميراڻي طور ٿي.
دادلو ٿاڻي جي حد ريلوي پٽڙي تان پوليس کي نوجوان جو سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل لاش هٿ آيو.
پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آئي جتي سڃاڻپ ڳوٺ خدا بخش ميراڻي واسي پوليس اھلڪار ڪامران ميراڻي طور ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فلحال واقعي بابت ڪجهه نٿو چئي سگھجي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ اصل ڪارڻ سامهون ايندو، ان بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
