- Advertisement -
يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي به روس سان ٽيهن ڏينهن جي لاءِ عارضي ۽ محدود جنگ بندي تي اتفاق ڪري ورتو جڏهن ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي معدني ذخيرن کانپوءِ توانائي جا پلانٽ به امريڪا جي ملڪيت ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
امريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪريني هم منصب سان هڪ ڪلاڪ فون تي ڳالهايو جنهن ۾ صدر زيلنسڪي امريڪي سهڪار تي ٽرمپ جو ٿورا مڃيا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته روس جي توانائي انفرا اسٽرڪچر تي حملا نه ڪيا ويندا.
صدر ٽرمپ يوڪريني هم منصب کي چيو ته يوڪرين جي توانائي انفراسٽرڪچر کي محفوظ بڻائڻ جو طريقو اهو آهي ته ايٽمي ۽ اليڪٽريڪل پلانٽن سميت توانائي جا ذخيرا امريڪي ملڪيت ۾ ڏنا وڃن.
يوڪريني ماهرن جو خيال آهي ته امرڪي تجويز قبولڻ جوڳي ناهي ڇاڪاڻ ته يوڪرين ۾ قائم يورپ جو سڀ کان وڏي انرجي پلانٽ “زاپويزازيا” روس جي ڪنٽرول ۾ آهي.
صدر ٽرمپ جي تجويز يوڪريني صدر جي پڌرائي ۾ شامل ناهي ڪئي وئي.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ روسي هم منصب سان به فون تي 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي جنهن ۾ عارضي ۽ محدود جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو هو.- Advertisement -
