تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ کي ٻيهر 9 مئي ۽ 26  نومبر جي اجازت نه ڏني ويندي:خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ٻيهر 9 مئي ۽ 26  نومبر جي اجازت نه ڏني ويندي، پي ٽي آءِ وارن جو ورتاءُ پاڪستان جي مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جلسن تي ڪو به اعتراض ناهي پر اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي، جڏهن به پاڪستان جي عزت جو موقعو ايندو آهي ته وڳوڙي ٽولو سرگرم ٿي وڃي ٿو. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه صف چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۽ وڳوڙ واري سياست ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان جي عزت جو موقعو ايندو آهي ته وڳوڙي ٽولو سرگرم ٿي وڃي ٿو، ايس سي او ڪانفرنس دوران به پي ٽي آءِ وارن  وڳوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خواجه آصف چيو ته اڄ به تعمير ۽ ترقيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ وڳوڙ ۽ احتجاج جي سياست پئي ڪري. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ سرڪاري مشينري ۽ وسيلن جو  بيدرديءَ سان استعمال ٿي رهيو آهي، سياسي روايتن موجب جلسن تي ڪو به اعتراض ناهي پر اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي. خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي اصل قيادت ان جي پارٽيءَ ۾ موجود مخصوص ٽولي جي سازشن جو شڪار ٿي مصلحت جو شڪار ٿي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن جو ورتاءُ پاڪستان جي مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جنهن ڏينهن چيمپئنز ٽرافي جي ميچ آهي ان ڏينهن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي ٻيهر 9 مئي ۽ 26 نومبر جي اجازت نه ڏني ويندي. خواجه آصف چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير چوي ٿو ته سندن 99 سيڪڙو مطالبا پورا ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن مطالبا پورا ٿي چڪا آهن ته احتجاج  ڇو پيو ڪيو وڃي؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون