- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي، جنهن دوران پ پ چيئرمين وڏي وزير کان بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏرتي.
سرفراز بگٽيءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي صوبائي بجيٽ بابت آگاهه ڪيو.
پ پ چيئرمين بلوچستان جي عوام جي صحت ۽ تعليم وارن منصوبن بابت به پڇاڻو ڪيو.
سرفراز بگٽيءَ جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سنڌ جيان اعليٰ سطح جا صحت مرڪز جلد مڪمل ٿيندا.
بلوچستان جي وڏي وزير، پ پ چيئرمين کي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو- Advertisement -
