تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پ پ چيئرمين پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽيءَ کي موجوده سياسي صورتحال چئلنجن کي منهن ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي سياسي اتفاق قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽيءَ کي موجوده سياسي صورتحال چئلنجن کي منهن ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي سياسي اتفاق قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ميمبرن سينٽرل پنجاب، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سميت وفاقي سطح تي سياسي، پاليسي ۽ ترقياتي چئلينجن بابت ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، پاڻي جي انتظام جي مسئلن، زراعت ۽ ڊجيٽل معيشت کي آڏو چئلينجن ۽ عوامي مفاد جي قانونسازي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پ پ جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت بابت خدشن بابت سياسي، پاليسي ۽ قانونسازي معاملن تي وقت سر صلاح مشوري جي کوٽ  ۽ واعدن تي عمل نه ٿيڻ کي اهم رنڊڪ قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن ۽ نون زميني حقيقتن جي نتيجي ۾ آڏو چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ  اتفاق راءِ نه هجڻ تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين ڪميٽي ميميبرن کي هدايت ڪئي ته اهي سياسي پارٽين سان رابطا ڪن ته جيئن اهو طئه ڪري سگهجي ته اهي ڪهڙا معاملا آهن جن تي سياسي اتفاقِ راءِ قائم ڪري سگهجي ٿو. ڪميٽيءَ جون سفارشون هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيون وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون