تازه ترين

ڀارت ڪنهن مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت ڪنهن مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته ڪجهه سال اڳ ڀارت پاڪستان ۾ گهڙي ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي هئي، پر  پاڪستان خيرات ۾ ڀارتي پائليٽ واپس ڪيو هو، ٻيهر ڪوشش ڪئي ته سندن ساڳي حالت ٿيندي. خواجه آصف چيو ته هي رڳو اليڪشن جي ڪري اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڀارت اهڙي جرئت ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو  ويندو. بچاءَ واري وزير چيو ته هو نٿا چاهن ته ڇڪتاڻ ٿئي، پر ڀارت دهشتگرد ڪاررواين جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته ڀارتي عوام جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان مخالف بيان ڏنا پيا وڃن، ڀارت محتاط تي بيا ڏي، اليڪشن جي چڪر ۾ ڪا اهڙي غلطي نه ڪئي وڃي، جنهن جا نتيجا ڀوڳڻا پون………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون