تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي صدارت هيٺ صوبائي جسٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسيءَ سنڌ امن امان جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ مهيني اندر امن امان يقيني بڻائڻ ۽  ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطي جي هدايت ڪئي آهي، رينجرز امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سموري صوبي ۾ اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ پوليس فورس جو انگ وڌايو وڃي، ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي. سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي صدارت هيٺ صوبائي جسٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ چيف جسٽس کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ پوليس فورس جو انگ وڌايو وڃي. غلام نبي ميمڻ چيو ته وٽن 45 هزار فورس آهي، جنهن مان 10 هزار اهلڪار مختلف شخصيتن جي سڪيورٽي تي مقرر آهن. چيف جسٽس، امن امان بابت قانون واري وزير جي راءِ تي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته کيس قانون واري وزير جي ڳالهه ٻڌي افسوس ٿيو، جيڪڏهن سندس اهڙي راءِ آهي ته ڪارروائي ڪهڙي ٿيندي؟ جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته هتي ويٺل وڪيل سندس خدشا قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار تائين پهچائن. هن چيو ته ڪچي ۾ اغوا ۽ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون قبولڻ جوڳيون ناهن، ٻڌايو وڃي ته ماڻهن کي اغوا ڇو ڪيو پيو وڃي. سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اغوا جي واقعن ۾ ڪير ملوث آهي، ڀلي ڪو ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، ڪنهن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي. صوبائي جسٽس ڪميٽيءَ جي مميبر ريحان عزيز ملڪ چيو ته ڪچي جا ڌاڙيل اغوا ڪري ماڻهن کي ڪچي ۾ وٺي وڃن ٿا. هن چيو ته پوليس جي سرپرستيءَ کانسواءِ  ڌاڙيلن جون ڪارروايون ممڪن ناهن. اجلاس دوران  ڊي جي رينجرز سنڌ،  صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. سندس چوڻ هو ته رينجرز کي رڳو ڪراچيءَ ۾  امن امان قائم ڪرڻ جي ذميواري آهي،  کين اختيار ڏنا ويا ته ان موجب امن امان لاءِ ڪم ڪيو ويندو. جسٽس عقيل احمد عباسيءَ ڌاڙيلن وٽ قيد شهرين بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس هڪ مهيني اندر امن امان يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس عقيل عباسي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطي جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس هاءِ ويز ۽ شهرن ۾ پوليس جو گشت وڌائڻ ۽ ڪچي ۾ پڪٽن جو انگ وڌائڻ جي به هدايت ڪئي. جسٽس عقيل عباسيءَ گهوٽڪي، ڪشمور، سکر ۽ ڪشمور ۾ سڪيورٽي وڌائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته اجلاس جا ٽي ايجنڊا هئا، ڪچي جي صورتحال، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ سيف سٽي پراجيڪٽ جا معاملا غور هيٺ آيا. هن چيو ته هاءِ ويز پئٽرولنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي چيف جسٽس آگاهه ڪيو، جيڪي پوليس آفيسر سٺو ڪم ڪندا آهن، انهن جي ساراهه ڪئي ويندي، جيڪي نه ڪندا انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڏوهه روڪڻ لاءِ ڪورٽون به ڊيڊيڪيٽيڊ هجڻ گهرجن ته جيئن ڏوهارين کي سزائو اچن. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪرمنل جسٽس جي نظام ۾ ڪيتريون ئي شيون بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون