- Advertisement -
چمبڙ ڀرسان 8 ورھين جي نينگر سان مبينا زيادتي بعد ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
يوسي نصير خان لغاري ۾ 8 ورھين جي ساجد علي پٽ شاھنواز سومرو کي ٻن جوابدارن مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو.
چمبڙ پوليس زيادتي جو نشانو بڻيل نينگر کي ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيوويو.
پوليس ڳوٺ نصير خان لغاري ۾ چڙهائي ڪري الزام هيٺ آيل هڪ ڄڻي شھزاد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ٻيو جوابدار ڪامران لغاري فرار ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لا چاپا ھڻي رھيا آھن.
هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو پوليس موجب، جئين وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو .- Advertisement -
