پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته کيس سکر سان عشق آهي، اهو عشق سنڌو درياهه، ٻلهڻ، عوام ۽ مهاڻن لاءِ آهي.
سکر ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته هتي ماحولياتي معاملن کي اهميت ناهي ڏني ويندي.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ به حڪمرانن چيو ته دريائن جا لنگهه کوليندا، عالمي ادارن کان فنڊ ورتا ويا ڪٿي خرچ ٿيا خبر نه آهي، شايد ڪئنال ڪڍڻ تي خرچ ٿيا جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀيڻ سان گڏجي نوجوانن لاءِ پارٽي ٺاهيندو، هو سمجهي ٿو ته نوجوان کين رستو ڏيکاريندا.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته کين پڪو يقين آهي ته پاڪستان جي ترقي قدرتي ماحول، ڌرتي ۽ درياهه سان جڙيل آهي، پاڻي ۽ معدنيات بابت پنهنجي پاليسي جوڙينداسين.
سندس چوڻ هو ته تاريخ شاهد آهي ته هن ملڪ جي هارين ۽ شاگردن وڏا بُت ڪيرايا.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سويلين ۽ وڪيلن طاقت جو مظاهرو ڪيو انهن پاڻي جو ڪيس وڙهيو جنهن لاءِ کين سلام آهي.
سندس چوڻ هو ته 1973ع واري آئين کي واپس اصل شڪل ۾ آڻڻ چاهين ٿا، ترمام مٿان ترميم آئين جي اصل صورت وڃائي ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته سياسي طاقت ۽ مضبوط ارادي سان ايشيا جي حڪمراني ڪري سگهون ٿا……….