تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ سوئي سدرن گيس انتظاميا، گيس چورن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ سوئي سدرن گيس انتظاميا، گيس چورن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو، چوري ۾ ملوث هڪ ٻي کير جي دڪان مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو. سئي سدرن ترجمان موجب، ميٽروول سائيٽ ۾ سوئي سدرن گيس چوري خلاف قائم ڪيل اداري سي جي ٽي او ۽ رڪوري ناگوري ملڪ شاپ تي ڇاپو هنيو. سئي سدرن ترجمان جو چوڻ آهي ته دڪان مالڪ گيس چوري ڪري کير کي گرم ڪرڻ، ڏهي ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ گيس جي سروس لائن مان سڌو سنئون گيس چوري ڪري رهيو هو. سئي سدرن ترجمان موجب، ناگوري ڊيري شاپ جو مالڪ 240 ڪيوبڪ فيٽ في ڪلاڪ گيس چوري ڪري رهيو هو. سئي سدرن ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايس جي سي پوليس جوابدار شاهد ناگوري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڇاپو هڻندڙ ٽيم چوري ۾ استعمال ٿيل پائپ ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. سئي سدرن ترجمان موجب، جوابدار شاهد ناگوري خلاف ڪيل چوري گيس لوڊ جي حساب سان هرجاڻو ورتو ويندو. سئي سدرن ترجمان جو چوڻ آهي ته گيس چوري روڪڻ لاءِ سوئي سدرن پرعزم آهي، گيس چورن لاءِ ڪابه رعايت ناهي، گيس چورن خلاف وڌيڪ ڪارروايون تيز ڪيون وينديون…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون