تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي : شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي، چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستي آهي، چيني شهرين تي حملو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪريل ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني پهچي چيني سفير جيانگ زئيڊونگ سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ واقعي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي هن حملي جي مذمت ۽ زخمين جي عيادت لاءِ اوهان سان ملڻ آيا آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ کي يقيني بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته هو واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جي عمل جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، واقعي ۾ زخمي ٿيل چيني شهرين جي بهتر علاج لاءِ هدايت ڏئي چڪو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستي آهي، چيني شهرين تي حملو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪريل ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي حڪومت جي ترجيح آهي. چيني سفير، وزيراعظم شهباز شريف جي سفارتخاني آمد تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم واقعي جي ذميوارن کي جلد انجام تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
1.7kmh
57 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون