ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، هڪ زخمي حالت ۾ فرار

- Advertisement -
ڪراچي پوليس جي مختلف مقابلن  ۽ ڪاررواين دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ناظم آباد بلاڪ اين ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري جو ساٿي زخمي ٿي پيو جيڪو فرار ٿي ويو. ايس ايس پي موجب، مارجي ويل ۽ فرار ڏوهاري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪراچي پوليس سرجاني ٽائون ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ظاهر ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪندا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار 22 سيپٽمبر 2023 تي پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ظاهر ڪري هڪ شهري جي گهر ۾ داخل ٿيا هئا. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن هٿيارن جي زور تي گهر مان روڪ رقم ۽موبائل فون ڦر ڪيا، جوابدار شهري کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنهن کي بعد ۾ پيسا وٺي ڇڏيو ويو هو. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته متاثر شهري جي فرياد تي ڪيس سرجاني ٽائون ۾ داخل آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
27%
1.1m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون