تازه ترين

ڪراچي: ڪي ايم سي ملازمن جي حاضري بابت ڪو جديد نظام نه هجڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ۾ گوسڙو ملازمن جي نشاندهي تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي جاچ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪي ايم سي جي 12 هزار کان وڌيڪ ملازمن جي حاضري لاءِ مينيوئل حاضري رجسٽر کانسواءِ ملازمن جي حاضري لاءِ جديد مڪينزم نه هئڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو آهي. پي اي سي ڪي ايم سي جي هر مهيني ڪروڙين روپيا گوسڙو ملازمن تي خرچ ٿيڻ جي شڪ تي ڪي ايم سي کان 12 هزار کان وڌيڪ ملازمن جو سمورو رڪارڊ ڊيٽا سميت طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن خرم سومري، قاسم سراج سومري سميت ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي، ڊي جي آڊٽ لوڪل گورنمينٽ سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي ايم سي سال 2018 کان 2021ع تائين آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو. پي اي سي جي اجلاس ۾ ڪي ايم سي آفيسرن سمورن ملازمن جي ڊيٽا، سروس بڪ، پرسنل فائلز جا تفصيل ۽ سال 2018ع جي ڪي ايم سي جي اي ڊي پي جا تفصيل فراهم نه ڪيا. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙي ميونسپل ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ٽوٽل ڪيترا ملازم آهن، ڪيترا ڊيوٽي تي اچن ٿا ۽ حاضري چيڪ ڪرڻ جو ڇا طريقيڪار آهي. ميونسپل ڪمشنر چيئرمين کي ٻڌايو ته ٽوٽل 12 هزار ملازم آهن، حاضري چيڪ ڪرڻ لاءِ صرف حاضري رجسٽر موجود آهي، بايو ميٽرڪ سسٽم نصب ٿيل ناهي، شعبن جا هيڊ ملازمن جي حاضري جي تصديق ڪندا آهن ۽ ڪو به گوسڙو ملازم ناهي. چيئرمين نثار کهڙي چيو ته ڪراچي شهر سنڌ جو گادي وارو هنڌ آهي، ڪي ايم سي ملازمن جي حاضري رڳو رجسٽر ذريعي مانيٽر ڪري رهي آهي، جديد دور ۾ بايو ميٽرڪ جو نظام ڇو ناهي؟. هن چيو ته مينيوئل رجسٽر هئڻ سان ملازم هڪ ڏينهن اچي هڪ هفتي جي يا سڄي مهيني جي حاضري لڳائي هليا ٿا وڃن، جيڪڏهن سمورا ملازم ڊيوٽي تي اچن ٿا ته پوءِ اڄ ئي سمورن ملازمن جو حاضري رجسٽر پيش ڪيو. ڪاميٽي جي ميمبر خرم سومري چيو ته ڪي ايم سي جا ڪيترائي ملازم اهڙا آهن، جيڪي ٻه ٻه کاتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي ويزا تي آهن، اهي ڊيوٽي نه ٿا ڪن. قاسم سومري چيو ته هر مهيني ڪي ايم سي جا ڪروڙين روپيا گوسڙو ملازم پگهار جي مد ۾ کڻن ٿا ۽ ڪي ايم سي تي گوسڙو ملازمن جو الزام آهي. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ڪي ايم سي ملازمن جي ڊيٽا سميت انٽرنل آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون