- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن جنهن سبب شهرين کي تڪليف ٿي رهي آهي.
هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي چئلينجز آهن، شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته برساتون ختم ٿيندي ئي روڊڻ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، جنهن سبب عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي.
هن چيو ته جتي روڊ خراب آهن، حڪومت انهن جي مرمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته شهر ۾ بس سروس به فعال آهي ۽ ريڊ لائن تي به ڪم جاري آهي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وفاقي حڪومت ۾ شامل نه آهيون، ڪراچي کي وفاق طرفان جيڪو حصو ملڻ گهرجي ها اهو نه مليو.
شرجيل انعام ميمڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته يونس خان تمام سٺو ڪرڪيٽر آهي پر ان سان هو متفق ناهي.
واضح رهي ته اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر يونس خان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر ۽ روڊن جي خراب حالت بابت چيو هو ته لڳي ٿو ته هو موهن جو دڙو جو رهواسي آهي.- Advertisement -
