ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي آپگهاتي حملي جو وڌيڪ هڪ زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو، 35 زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
سرياب روڊ تي آپگهاتي حملي جو وڌيڪ هڪ زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو، واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪيس ارادي قتل، قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي جلسي ۾ ڌماڪي جي سخت لفظڻ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قيمتي جانين جي ضياع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري لاڳاپيل ادارن کي واقعي جي مڪمل جاچ ۽ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي……..