تازه ترين

ڪوٽڙيءَ ۾ پراسرار نموني قتل ٿيل نينگري آسيا هزارا ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

- Advertisement -
ڪوٽڙيءَ ۾ پراسرار نموني قتل ٿيل نينگري آسيا هزارا ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ڏهه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد محمود شاھه ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ڪيل آسيه هزارا جي قتل ڪيس جي مک جوابدار نويد هزاره جي پوليس گرفتاري ظاھر ڪندي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. پوليس گرفتار جوابدار جي قبضي مان 2 واليون ۽ جوتا پڻ هٿ ڪري ورتا آهن. ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 اپريل تي شام ڌاري آسيه گم ٿي وئي، ٽيليگراف ٿاڻي تي گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪئي وئي، 8 اپريل تي سندس لاش بند پيل جاءِ جي ڪچري مان مليو هو. سندس چوڻ هو ته پوليس مسلسل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، نويد هزارا گتا ميڙيندو آهي، واقعي واري ڏينهن کان فرار هو. ايس ايس پي ڄامشورو چيو ته 7 ڏينهن بعد نويد هزارا گتا ميڙيندي نظر آيو جنهن دوران کيس گرفتار ڪيو، جوابدار پوليس آڏو ڏوھه جو اعتراف ڪري ورتو. محمد طارق نواز چيو ته آسيه جي ڪنن مان واليون لاهي منهن تي رومال ڏئي ساھه ٻوساٽي پوءِ لاش ٻوري ۾ بند ڪري کڻي بند پيل جاءِ تي اڇلايو، ڪوٽڙي جي هڪ سوناري سان 22 سئو رپين ۾ واليون وڪرو ڪري عيد جا ڪپڙا ۽ بک سبب اهو قدم کنيو آ، سوناري کي به گرفتار ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24 ° C
24 °
24 °
36 %
2.2kmh
70 %
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون