تازه ترين

27 آڪٽوبر جو ڏينهن کين ياد ڏياري ٿو ته ظلم عارضي هوندو آهي پر آزادي جي جدوجهد دائمي آهي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي مرضي خلاف وادي تي قبضو ڪيو. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن کين ياد ڏياري ٿو ته ظلم عارضي هوندو آهي پر آزادي جي جدوجهد دائمي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام ڏهاڪن کان بي مثال قربانيون ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي حق خوداراديت تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪشميري عوام جي حوصلي، صبر ۽ استقامت سڄي دنيا جي مظلومن لاءِ هڪ مثال آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو عوام اڄ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٻڌي جو اظهار ڪري هو، هو هر عالمي فورم تي ڪشمير جي حق ۾ آواز بلند ڪندا رهندا. هن چيو ته هڪ ڏنهن گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي ان جو حق ضرور ملندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون