- Advertisement -
پني عاقل مان چپس وڪرو ڪرڻ لاءِ گھران نڪتل معصوم نينگري پراسرار نموني گم ٿي وئي، جڏھن تھ وارثن پاران ڳولا باوجود ڏس پتو نھ پئجي سگھيو.
ڪلوڙ ڪالوني جي رھواسڻ نينگري عارفھ دايو ٻھ ڏينھن اڳ چپس وڪرو ڪرڻ لاءِ گھران نڪتي ھئي.
پر اسرار نموني گم نينگري عارفھ جي پيءُ شفيق دايو چيو تھ سندس نياڻي ٻن ڏينھن کان گم آھي، ڳولا باوجود ڏس پتو نھ پئجي سگھيو آھي.
ھن چيو تھ سندس نياڻيءَ جي 9 سال عمر آھي، ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر پوليس نياڻي ءَ جي ڳولا ۾ مدد ناھي ڪئي.
ھن مطالبو ڪيو تھ نياڻيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي- Advertisement -
