تازه ترين

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر مڪمل طور تي سياست ڇڏڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر مڪمل طور تي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوامي زندگي بعد هن سياست کي مڪمل طور ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ اسد عمر چيو ته هو پهريان به عوامي سطح تي چئي چڪو آهي ته رياستي ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي سان متفق ناهي ۽ اهڙي پاليسي رياستي ادارن سان سخت ٽڪراءَ جو سبب ٿئي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ناهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي هو انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهي جن عوامي زندگي ۾ سندس ساٿ ڏنو خاص طور تي اين اي 54 جي ٽيم ۽ ووٽرن جو ٿورا مڃڻ چاهي ٿو جن کيس ٻيهر چونڊيو.

اسد عمر چيو ته هو جنهن تڪ تان چونڊيو ان تڪ جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي الله پاڪ پاڪستان جي قوم تي پنهنجي رحمت نازل فرمائي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون