- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ نه پر ووٽرن جو اليڪٽڊ وزيراعظم ٿيندو، پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ حصو وٺندي، چونڊيل نمائندن ۽ جمهوري نظام سان ئي سياسي توڙي معاشي استحڪام ايندو.
جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته عوام جو نعرو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندو روزگار آڻيندو، پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي زراعت ۾ خود ڪفالت ۽ صنعتي انقلاب آڻيندي.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ نه پر ووٽرن جو اليڪٽڊ وزيراعظم ٿيندو، سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪاميابي جيان جيالا اميدوار سڄي ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندا.
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته آمريت ۽ فسطائيت جو مقابلو ڪندڙ جيالن سان ٺاهه ڪري ڀڄي ويندڙ ۽ گھٻرائڻ وارا ڇا مقابلو ڪندا، آئيني انساني معاشي حقن جي عوامي سياست بزدلن جي وس جي ڳالهه ناهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ تاريخي عوامي جلسن کي خطاب ڪندو، پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هر سياسي پارٽي کي هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن.
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته پ پ خلاف اتحاد مخالفن جي شڪست جو اعتراف ۽ پيپلز پارٽي جي عوام ۾ مقبوليت جو ثبوت هوندو آهي، گورنر هائوس لاهور ۾ سياسي گڏجاڻي پارٽي ٽڪيٽن جي فيصلي بابت اليڪشن ڪميشن جي خاموشي سواليا نشان آهي.
هن چيو ته نگران وزيراعظم سياسي پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر کي قائد ايوان سينيٽ نامزد نٿو ڪري سگهي.
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي اسحاق ڊار قائد ايوان سينيٽ جو عهدو غير آئيني ۽ غيرقانوني طور استعمال ڪري رهيو آهي- Advertisement -
