تازه ترين

عام چونڊن ۾ اصل مقابلو سنڌ نه پر پنجاب ۾ ٿيندو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ اصل مقابلو سنڌ نه پر پنجاب ۾ ٿيندو، ڀلي ڪيترا به اتحاد قائم ٿين، ناڪامي مخالفن جو مقدر هوندي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تاريخي شاهد آهي جڏهن به ڌانڌلي ٿي مسلم ليگ ن کي اقتدار مليو آهي. هن چيو ته 2018 ۾ نااهل ملڪ مٿان مڙهيو ويو، هو نٿا چاهين  ته 2024 ۾ به اهڙو ماڻهو مڙهيو وڃي جيڪو ملڪ جي ڀلائي نٿو چاهي، عوام جي ووٽ کانپوءِ ڪو به نااهل ملڪ تي مڙهي نٿو سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ هر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي خلاف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر برساتي ڏيڏر هميشه ناڪام ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڪيترا به ڪيترا به اتحاد ٺهن پر سنڌ ۾ پ پ کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي، سياسي يتيمن کي گڏ ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، عوام هميشه نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ڀارت علاج لاءِ ويندڙ ماڻهو هاڻي سنڌ اچي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته ن ليگ سنڌ بابت پريشان نه ٿئي، ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، پيپلزپارٽي ڪڏهن به نفرت جي سياست ناهي ڪئي، پ پ هميشه سڀني کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته عوام ۾ رهندڙ پارٽيون ئي اقتدار ۾ هونديون، ملڪي معيشت جي تباهي جي ذميوار پي ٽي آءِ آهي، ن ليگ جي وزيرن جي بيانن به معيشت کي نقصان ڏنو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڏياري جي موقعي تي سڀاڻي ٿر ۾ جلسو ڪندي، اقليتن جي تحفظ لاءِ پ پ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته  ملڪ جي 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏيڻ واري پيپلزپارٽي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون