تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري سان گڏ ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ لاءِ مٺي پهچي رهيو آهي

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندو برادري سان گڏ ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ لاءِ مٺي پهچي رهيو آهي جتي مارئي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري سان گڏ ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ لاءِ مٺي پهچي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي آمد تي شهر کي پيپلزپارٽي جي جهنڊن ۽ گلن سان سينگاري ويو آهي.

مارئي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جلسي لاءِ وڏي اسٽيج تيار ڪري هزارين ڪرسيون لڳايون ويون آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا جلسي کي خطاب ڪندا.

پيپلزپارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ارباب لطف الله، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، فقير شير محمد بلالاڻي، ڊاڪٽر منوج ملاڻي، انجنيئر گيانچند ۽ ٻين ڪارنر گڏجاڻيون ڪري عوام کي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ مقامي قيادت سميت لکين ماڻهن جي شرڪت جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيترن ئي مخالفن جو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو به امڪان آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون