ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ پروموٽ ٿيل لاڙڪاڻي واسي لاڙڪاڻي واسي انجنئير عبدالقادر سانگي پوسٽنگ لاءِ چئن مھينن کان سيڪريٽريٽ جا چڪر ڪاٽي پريشان ھجڻ ڪري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، سندس وارثن انجنئير عبدالقادر سانگي کي ايس اي جي عھدي تي تصور ڪري کين فائدو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
لاڙڪاڻي جو رھواسي انجنئير عبدالقادر سانگي جيڪو پروموٽ ٿيڻ جي باوجود چئن مھينن کان سيڪريٽريٽ جا چڪر ڪاٽي پريشان ھجڻ ڪري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
سندس وارثن نگران حڪومت جي اھڙي پاليسي جي مذمت ڪندي عبدالقادر سانگي کي سندس موت جو ذميوار قرار ڏنو آھي.
فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته سنڌ جي نگران حڪومت آگسٽ مھيني ۾ ورڪس اينڊ سروسز جي ترقي ماڻيندڙ 16 سپريڊنٽ انجنيئرن کي ريگيولر ڪري ايس اي جي پوسٽ تي مقرر نه ڪري سگھي آهي.
هنن چيو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آھن ۽ او پي ايس تي مقرر ٿيل آفيسرن کي ٻن ٻن عھدن جون اضافي چارجون ڏنيون ويون آھن.
فوتي انجنيئر جي وارثن چيو ته محمد فضل منگي کي ايس اي گھوٽڪي ۽ اضافي چارج ايس اي شڪارپور جي ڏني وئي آھي نذير ڀـُـٽي کي لاڙڪاڻي سان گڏ ايس اي خيرپور جي اضافي چارج ڏني وئي آھي.
محمد فاروق قاضي کي ايس اي مٽياري جي اضافي چارج ڏني وئي آھي، پر پروموٽ ٿيل انجيئرن کي مقرر نه پيو ڪيو وڃي
فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته سرڪار سنڌي آفيسرن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري رھي آھن، پوسٽون خالي هجڻ باوجود حڪومت پروموٽ ٿيل آفيسرن کي ڇو نه ٿي مقرر ڪري اھا زيادتي آھي.
ھنن مطالبو ڪيو ته پروموٽ ٿيل انجنيئرن کان اضافي چارج واپس وٺي پروموٽ ڪيل آفيسرن مقرر ڪيو وڃي ۽ فوت ٿيل انجنئير عبدالقادر سانگي کي ايس اي جي عھدي تي تصور ڪري کين فائدو ڏنو وڃي